سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني

سيد محمد عابد شاهه جيلاني ’ثاني‘: عالم ۽ بزرگ سيد محمد عابد ’ثاني‘ گهوٽڪيءَ جي بزرگ پير موسيٰ شاهه جيلانيءَ جو فرزند هو. هن 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجن وڏن کان تعليم حاصل ڪئي. قرآن مجيد حفظ ڪيائين، فاضل ۽ اڪمل عالم هو. جمعي جي ڏينهن خطابت جا فرض سرانجام ڏيندو هو، شريعت جو صاحب ۽ طريقت جي رمزن کان واقف هو. ظاهري ۽ باطني علم ۾ ڪمالات جو مالڪ هو، سخاوت ۽ شجاعت ۾ شهرت رکندو هو. عاقل ۽ سمجهه ۾ اڪابر هو، وٽس راڄن جا فيصلا به ٿيندا هئا، جيڪي حديث جي روشنيءَ ۾ نبيريندو هو. اڪثر پنهنجو وقت هدايت ۽ تلقين ۾ گذاريندو هو. سڄي سنڌ جا وڏا عالم وٽانئس فتوائون لکرائيندا هئا. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1799.11.19  عيسوي

سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبير احمد عثماني علامه
حسن عجيمي شيخ
ٺٽوي ابراهيم قاضي
چانڊيو عبدالحق مولانا
پٺاڻ مولوي عبدالعزيز
حسين سنڌي سيوستاني
صنجل هندي
ابڙو احمد
شيخ محمد حيات سنڌي
محمد عالم سومرو مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون